ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر مان 2 ڪروڙ روپين جي ماليت جو چوپائي مال سان ڀريل ٽرڪ ڦر ڪري فرار ٿيندڙ 6 جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي ايسٽ فرخ رضا موجب پوليس ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ تي وڏي ڪارروائي ڪندي 2 ڪروڙ روپين جي ماليت جو چوپايو مال ڦر ڪري فرار ٿيندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو فرخ رضا ٻڌايو ته رحيم يار خان کان واپاري چوپايو مال وڪرو ڪرڻ لاءِ کڻي آيا هئا ناردرن باءِ پاس وٽ مال پڙي تي جانورن جو سودو ڪيو ويو، جوابدارن 41 جانور ٽرڪ ۾ لوڊ ڪيا ۽ پئسا طئي ڪيا جنهن کان پوءِ 4 لک روپين جو ٽوڪن ڏنو ويو ۽ گاڏيون الاعظم اسڪوائر طرف روانيون ٿي ويون. هن ٻڌايو ته ان دوران جوابدارن هٿيار ڪڍي واپارين کي زبردستي گاڏي مان لاهي ڇڏيو. جوابدار چوپايو مال کڻي فرار ٿي ويا ۽ واڙي تي بيهاري ڇڏيو. سائٽ پوليس کي اهڙي اطلاع ملي ته ايس ايڇ او ٽيم سان گڏ روانو ٿيو. ايس ايس پي ايسٽ موجب گرفتار جوابدارن کان 35 گابا به هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ جاچ جو سلسلو جاري آهي.