موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي، ڪجهه هنڌن تي برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي رهندي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف ميداني علائقن ۾ موسم وڌيڪ گرم رهندو. ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف مٿانهين ضلعن ۾ گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهندو. جڏهن ته سنڌ جي اوڀر ۽ ڏاکڻي ضلعن ۾ تيز هوائون هلڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ مٿانهين خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي اميد آهي. اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. دير، سوات، ڪوهستان، چترال ۽ بالاڪوٽ ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.