مليل ڄاڻ موجب ته ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد 27 ميل روڊ سي پي ڀرسان ڳوٺ شاھ ڏنو بنگوار م نامعلوم ھٿياربندن الله رکيو بنگوار جي گهر تي ڪاھ ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو شوڪت علي بنگوار سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته هٿياربندن چوپايو مال ڪاهي آساني سان فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي زخمي کي وارثن فوري طور تي اسپتال کڻائي آندو جتي ڳڻتي جوڳي حالت م سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي واقعو بنگوار برادري جي ٻن ڌرين م ٻڌايو پيو وڃي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن