بڊاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ صادق مزاري ۾ رات پاڻي جي بور تي ستل هاري 35 سالا غالب حسين ولد بجار گولاٽو کي ڌاڙيل اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا

بڊاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ صادق مزاري ۾ رات پاڻي جي بور تي ستل هاري 35 سالا غالب حسين ولد بجار گولاٽو کي ڌاڙيل اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا مغوي جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته اسان هاري آهيون رات جو منهنجو ڀاءُ پاڻي واري مشين تي ستل جتان کيس ڌاڙيل اغوا ڪري کڻي ويا آهن اسين صبح جو آياسين ته همرا ستل ڪون هيو هن چيو ته اسين مسڪين آهيون هارپو ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندا آهيون هن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته فورن اسان جي مغوي کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي ياد رهي ته گذريل هڪ مهيني اندر بڊاڻي شهر مان چار ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن جيڪي ڀنگ ايوض ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل آهن پر پوليس کين بازياب ناهي ڪرائي سگهي