ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ
ڪنڌڪوٽ:غوثپور شھر ۾ وڌنڌڙ بدامني۔ لاقانونيت۔ اغوا ڦرن ۽ ڏوھن ۾ آيل واڌ ختم نه ٿيڻ تي جي يو آ۽ جي سڏ تي شھر ڀرسانمئن انڊس ھا۽ وي تي ٽائير ساڙي ڌرڻو ھڻي سخت احتجاج ڪيو پيو وڃي۔ احتجاج جي اڳواڻي جي يو آ۽ جو امير سيد سھيل احمد شاھ۔ مولانه جمال دين اوڳاھي۔ اسدالله اوڳاھي۔ سعادالله ۽ ٻيا ڪري رھيا آھن۔ ان موقعي تي ڌرڻي ۾ ڪشمور پوليس جي نااھل ايس ايس پي بشير احمد بروھي کي ھٽايو۔ ڪشمور بچايو جا نعرا ھنيا پيا وڃن۔ ڌرڻي جي قيادت رپورٽر سان ڳالھائيندي چيو ته پورو ضلعو ڏوھارين آڏو يرغمال بڻيل آھي۔ روزانه جي بنياد تي ڏوھ ٿي رھيا آھن ڪير به روڪڻ وارو ڪونھي۔ ڏينھن ڏٺي جو لکين روپين جون ڦرون وچ شھر مان ٿين ٿيون پوليس ڏوھارين کي ڪنٽرول نٿي ڪري۔ عوام ڪيڏانھن وڃي۔ عوام کي لاوارث ڪري ڏوھارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي۔ ڌرڻي سب سنڌ کان پنجاب ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي ۽ سوين گاڏيون بيھجي ويون۔