بلوچستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن انٽيليجنس تي ٻڌل ڪامياب آپريشن ڪندي ٽي ٽي پي جا ڪيترائي خطرناڪ دهشتگرد گرفتار ڪري ورتا. تفصيل موجب صوبي ۾ ٽي ٽي پي جا مرڪز قائم ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي وئي آهي. گرفتار ڪيلن ۾ ٽي ٽي پي شوريٰ جو انتهائي خطرناڪ ۽ گهربل ڪمانڊر به شامل آهي شروعاتي جاچ موجب نيٽ ورڪ جا نشان اندروني ۽ بيروني دهشتگردن سان ملن ٿا. گرفتار ڪيل ڪمانڊر مختلف علائقن ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث آهن پر وڌيڪ جاچ جاري آهي. ملڪ ۾ موجود مختلف دهشتگردن جي ڳٺ جوڙ جي باري ۾ اهم راز سامهون اچڻ جي اميد آهي. ڪامياب انٽيليجنس آپريشن ذريعي هاءِ ويليو حدف کي گرفتار ڪرڻ ۽ انهن جي ڪُڌن مقصدن کي ناڪام بنائڻ، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشه وارانه مهارت ۽ رياست جي ادارن جو اهم ثبوت آهي