ڪنڌڪوٽ:بڊاڻي ۾ بدامني ودي وئي هر روز اغوا جون وارداتون ٿيڻ لڳيون

بڊاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام حسين ڊرگهوڙچو ۾ اوطاق تي ستل 80 سالا پيرسن اسحاق ڀٽو اغوا, مغوين جو انگ وڌي پنج ٿي ويو مغوي پيرسن جي پٽ جو چوڻ آهي ته گهر ٻاهريان اوطاق تي اسان جو دڪان آهي منهنجو والد دڪان جي ڪري اوطاق تي سمهندو آهي آئون صبح جو اوطاق تي آيس ابو کٽ تي ستل ڪون هيو ۽ ان جا چمپل به اتي پيل هئا جنهن بعد اسين پيرو کنيوسين ته اهو پيرو درياه جي ڪچي طرف گم ٿي ويو هن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته فورن منهنجي پيرسن والد کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي
واضعي رهي ته گذريل هڪ مهيني اندر بڊاڻي شهر مان پنج ڄڻا اغوا ٿي ويا آهن جيڪي ڀنگ عيوض ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل آهن پر پوليس کين بازياب ناهي ڪرائي سگهي