ڏوڪري ڀرسان ايئرپورٽ موهن جو دڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام حسين ٻٽ ۾ ٻٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙوٿي پيو. جهيڙي ۾ فاروق ٻٽ، عاقب ٻٽ زخمي ٿي پيا،جڏهن ته زخمين کي ڏوڪري اسپتال آندو ويو. ان موقعي تي زخمين چيو ته اسان جي زرعي زمين ۾ شمروز ٻٽ جو چوپايو مال پيو مال منع ڪرڻ تان شمروز ٻٽ ۽ حاجي شهاب ٻٽ 6 ماڻهو ساڻ ڪري اسان جي مٿان ڪهاڙين ۽ لٺين سان حملو ڪيو آهي. اهڙي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.