سنڌ جي گهرو وزير عيدالاضحيٰ تي سيڪيورٽي پلان جوڙي ڇڏيو

سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار عيدالاضحيٰ تي سيڪيورٽي  انتهائي سخت بنائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب صوبائي گهرو وزير چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ضابطه اخلاق تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو. سيڪيورٽي قدمن جي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي آن بورڊ ورتو ويندو. هن چيو ته سموريون رجسٽرڊ فلاحي ۽ سماجي تنظيمون، ديني مدرسن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي ضابطه اخلاق جو پابند بنايو ويندو صوبائي گهرو وزير چيو ته قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ ۽ منتقلي جي حوالي سان جاري لکت ۾ اجازت نامي تي عمل ممڪن بنايو ويندو. جڏهن ته سمورين مسجدن، امام بارگاهن، عيد گاهن ۽ عيد جي نماز   جا اجتماع کليل هنڌن تي ڪرائي سيڪيورٽي کي سخت ڪيو ويندو. ٻئي طرف پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سيڪيورٽي انتظامن جي ايس او پيز تي عمل يقيني بنائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.