سنڌ جو ناميارو صحافي ۽ ليکڪ حيدرآباد پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر اسحاق مڱريو 66 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، نامياري صحافي اسحاق مڱرئي جي وڇوڙي جي خبر ٻڌندي ئي صحافين توڙي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي. اسحاق مڱريو گذريل ڪجهه مهينن کان گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا هو، مختلف اسپتالن مان سندس علاج ٿيندو رهيو پر سندس صحت ۾ سڌارو نه اچڻ ڪري کيس ڪراچي جي ڊائو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي علاج دوران سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ هو پنهنجن گهرڀاتين، دوستن ۽ مٽن مائٽن کان سدائين لاءِ موڪلاڻي ڪري ويو، اسحاق مڱرئي جو مڙهه ڪراچي کان سانگهڙ لڳ سندس اباڻي ڳوٺ گل حسن سريوال نيو ويو، جتي رات دير سان جنازي نماز بعد کيس مٽي ماءِ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين، سندس دوستن، مٽن مائٽن شرڪت ڪئي. صحافي اسحاق مڱريو سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ 6 جولاءِ 1955ع تي محمد صالح مڱريي جي گهر ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪري انٽر سانگهڙ ڊگري ڪاليج ۽ بعد ۾ گريجوئيشن ڪئي، صحافي اسحاق مڱريو پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ شاگرد سياست قومپرست تنظيمن جي پليٽ فارم تان ڪئي، ان کانپوءِ هن ترقي پسند سياست ۾ به حصو ورتو. صحافت ڏانهن سندس ڌيان ويو ته هن 1992ع ۾ سانگهڙ ۾ صحافت شروع ڪئي، 1995ع کانپوءِ هو حيدرآباد ۾ اچڻ ويو ۽ مختلف اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن ۾ صحافتي ذميواريون نڀايون، هو حيدرآباد پريس ڪلب جو صدر پڻ رهيو.