پاڪستاني اداڪارا مومنه اقبال جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو. اداڪارا پيءُ جي لاڏاڻي جي خبر انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته ”مان انتهائي ڏک سان اوهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته منهنجو والد لاڏاڻو ڪري ويو آهي“ هن قرآني آيتن جو حوالو ڏيندي چيو ته ”قرآن اسان کي اهو ٻڌائيندو آهي ته بيشڪ اسان خدا جا آهيون ۽ ان وٽ ئي واپس وڃڻو آهي. پنهنجي سوشل ميڊيا بيان تي هن پنهنجي پيءُ جي جنازي جا تفصيل به شيئر ڪيا.