سکر بيراج مان پاڻي جي فراهمي بند، فصل متاثر ٿيڻ جو امڪان

سکر بيراج جي متاثر ٿيندڙ دروازي جي مرمتي ڪم سبب واهن کي پاڻي جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي. سکر بيراج مان واهن کي پاڻي جي روڪڻ کان پوءِ چانور، ڪمند ۽ ڪپهه جا فصل متاثر ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. زراعت کاتي موجب موجوده صورتحال ۾ آبادگارن جي رهنمائي لاءِ حيدرآباد ۾ واٽر ايمرجنسي سيل قائم ڪيو ويو آهي. آبادگارن جي رهنمائي لاءِ سنڌ جي 6 ڊويزنز ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته واٽر ايمرجنسي سيل ۾ صوبائي ڊويزنل، ڊسٽرڪٽ ۽ تعلقه سطح تي 32 فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن زراعت کاتي جي نمائندي ٻڌايو آهي ته سکر بيراج مان سنڌ جي زرعي زمينن جو تقريبن 70سيڪڙو حصو آباد ٿيندو آهي. ٻئي طرف آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو سکر بيراج جي ٻن دروازن کي نقصان پهچڻ جي واقعي جي جاچ لاءِ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي واقعي جا سبب ۽ ذميوار آفيسرن جي ڳولا ڪري هڪ مهيني ۾ رپورٽ آبپاشي واري وزير ۽ سيڪريٽري آبپاشي کي پيش ڪندي. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ سکر بيراج جو گيٽ نمبر 47 مرمتي ڪم جي دوران ڪري پيو هو. دروازو ڪرڻ سبب بيراج جي گيٽ نمبر 47 ۽ 43 جي پلرز کي نقصان پهتو جنهن سبب پاڻي جي فراهمي روڪي دروازن جو مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو هو.