ڏکڻ وزيرستان ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر زبير خان وزير ڪارڪنن سان گڏ جنڊوله گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي زبردستي اپر وزيرستان سراروغه فيڊر جي بجلي بحال ڪري ڇڏي. وزير زبير خان چيو ته ايف آر جنڊوله ۽ اپر وزيرستان جي بجلي 12-12 ڪلاڪ بحال رهندي. بجلي آن ۽ آف ڪرڻ لاءِ اسان جا پنهنجا ماڻهو جنڊوله گرڊ اسٽيشن ۾ ويٺل رهندا. سوشل ميڊيا تي ايم اين اي زبير وزير جي جنڊوله گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ايم اين اي ڏکڻ وزيرستان زبير خان وزير پنهنجي ڪارڪنن سان گڏ جنڊوله گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي بٽڻ دٻائي اپروزيرستان، سراروغه کي 12 ڪلاڪ بجلي جي ورهاست زبردستي شروع ڪري ڇڏي. مقامي وزير پشتو ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته اڄ مان آيو آهيان، جنڊوله گرڊ اسٽيشن ۾ بيٺو آهيان، وڊيو ۾ کيس اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته ايف آر جنڊوله ۽ اپر وزيرستان جي بجلي جنڊوله گرڊ اسٽيشن مان آهي. پر اسان فيصلو ڪيو آهي ته 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي. جڏهن ته 12 ڪلاڪ بنا ڪنهن رنڊڪ جي بجلي چالو هوندي هن چيو ته هن وقت مون اپر وزيرستان سراروغه جو فيڊر صرف بٽڻ دٻائي چالو ڪري ڇڏيو آهي. انشاءَلله اهو سلسلو لاڳيتو جاري رهندو. 12 ڪلاڪ ايف آر جنڊوله ۽ 12 ڪلاڪ اپر وزيستان کي بجلي جي سپلاءِ بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهندي. ايم اين اي زبير وزير وڌيڪ چيو ته انهي ۾ ڪابه گهٽتائي نه ايندي ۽ باقاعده جنڊوله گرڊ اسٽيشن ۾ اسان جا ماڻهو ويٺل آهن. وڊيو جي آخر ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪارڪنن ايم اين اي زبير وزير جي اهڙي قدم تي تمام گهڻيون تاڙيون به وڄايون.