ڪاڇي جي قصبو ٿاڻي جي حد ڳوٺ قصبو ۾ زميني تڪرار تان لغاري برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. جڏهن ته هڪ ڌر جي هٿياربندن دڪان تي حملو ڪري سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 2 سڳا نوجوان ڀائر ساجد ولد علي لغاري ۽ امجد لغاري مارجي ويا هوڏانهن نوجوان ساجد لغاري موقعي تي ئي مارجي ويو آهي، جڏهن ته سندس ڀاءُ امجد لغاري سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو اسپتال نيندي رستي ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻنهي مقتول ڀائرن جا لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال جوهي آندا ويا جتي پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش واثن حوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي مقتولن جي والد علي حسن لغاري روئيندي داهنيون سڄي ڪاڇي اندر هٿياربند دھشتگردن جو قبضو آھي ڪيترن ئي ڏينهن کان جوابدار ڀتو گهري رهيا هئا نه ڏيڻ تان اڄ انهن منهنجا ٻه نوجوان پٽ گوليون هڻي ماري ڇڏيا. ھن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ٻنهي مقتول پٽن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.