ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ جمال ڪلهوڙو ۾ ٻارن جي ڳالهه تان ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو لٺيون ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻنهي ڌرين کي حد جي پپري پوليس ميڊيڪل ليٽر ملڻ بعد علاج لاءِ تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ محرم ڪلھوڙو، جانڻ ڪلھوڙو، ربنواز ڪلھوڙو، مختيار ڪلھوڙو، اويس ڪلهوڙو، بخشل ڪلھوڙو، بلاول ڪلھوڙو ۽ رضوان ڪلهوڙو شامل آهن ڊي ايس پي ڪمال ديرو ايس ايڇ او پپري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻئي ڌريون هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ آهن، ٻارن جي معاملي تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو آھي، زخمين کي پوليس ميڊيڪل ليٽر ڏئي علاج لاءِ موڪليو ويو آهي. فلحال ڪيس داخل نه ٿيو آهي، متاثر ڪيس داخل ڪرائڻ آيا ته کيس چيو ته ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪيس داخل ڪيو ويندو.