پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان

 ايندڙ مهيني جي پهرين 15 ڏينهن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جو امڪان آهي. حڪومت پاران پهرين جولاءِ 2024ع کان ايندڙ 15 ڏينهن تائين پيٽرول جي قيمت ۾ 7.54 رپيا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل (ايڇ ايس ڊي) جي قيمت ۾ 9.84 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي. توانائي واري وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته جيڪڏهن پهرين جولاءِ 2024ع کان پيٽروليم ليوي ۾ 5 رپيا في ليٽر اضافو ڪيو ويو ته موٽر اسپرٽ جي قيمت 12.58 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت 14.84 رپيا في ليٽر ٿيڻ جو امڪان آهي. . حڪومت مالي سال 2025ع جي وفاقي بجيٽ ۾ پيٽروليم ليوي موجوده 60 رپيا في ليٽر مان وڌائي 80 رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته حڪومت وقتي طور تي پيٽروليم ليوي 20 رپيا في ليٽر لاڳو ڪندي.