پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون جي قيمت 700 رپيا واڌ کانپوءِ ٻه لک 41 هزار 700 رپيا آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 600 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد ٻه لک 7 هزار 219رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.