سنڌ ۾ پهرين محرم کان 10 محرم الحرام تائين قلم 144 لاڳو، ڪراچي ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو

ڪراچي ۾ يوم عاشور جي موقعي تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. صوبائي گهرو وزارت محرم الحرام دوران سڄي صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب محرم ۾ بنا اجازت جلوس ۽ ريلي ڪڍڻ تي پابندي هوندي پابندي پهرين محرم الحرام کان 10 محرم الحرام تائين رهندي. جڏهن ته 9 ۽ 10 محرم تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي. گهرو وزارت چيو آهي ته محرم جي دوران هٿيارن جي نمائش ۽ ڊرون اڏائڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي.