پريميم نمبر پليٽس نيلامي ۾ شهري 10 ڪروڙ روپين جي نمبر پليٽ خريد ڪري ورتي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايڪسائيز کاتي سنڌ طرفان پريميم نمبر پليٽن جي نيلامي جي تقريب ڇنڇر جي رات مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿي. ايڪسائيز کاتي طرفان پريميم نمبر پليٽ(اي 1) 100 ملين روپين ۾ نيلام ٿي جيڪا مزمل ڪريم سڀني کان وڌيڪ ٻولي لڳائي خريد ڪري. سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ مزمل ڪريم کي پليٽ جي اونر شپ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو پريميم نمبر پليٽ 786(26.5) ملين روپين ٻولي لڳائي حاصل ڪئي وئي. پريميم نمبر پليٽ 7 46 ملين روپين ۾ نيلام ٿي جيڪا مزمل ڪريم سڀني کان وڌيڪ ٻولي 46 ملين روپيه لڳائي حاصل ڪئي. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تقريب جو مقصد اليٽ ڪلاس کي نوازڻ نه آهي پر هڪ نوبل ڪاز آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته يو اي اي ۾ 14 ملين ڊالرز جي نمبر پليٽ جي نيلامي ٿي ۽ هتي به اها رقم چيريٽي ۾ استعمال ٿيندي. هن چيو ته ماڻهو سون، چاندي ۽ زيورن ۾ سرمائيڪاري ڪندا آهن پر اسان هڪ نيڪ مقصد جي لاءِ گاڏين جي پريميم نمبر پليٽس نيلامي جي ذريعي خواهشمند ماڻهن کي ڏئي رهيا آهيون. شرجيل ميمڻ واضح ڪيو ته نيلامي ۾ ڪاميباي حاصل ڪندڙ پليٽ ري سيل ڪري سگهي ٿو. نيلامي مان جيترا پئسا جمع ٿيندا اهي ٻوڏ متاثرين کي گهرن جي لاءِ ڏنا ويندا.