پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نبيل گبول چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيل کان ٻاهر ايندو پر انهي کي جيل کان ٻاهر اچڻ ۾ 6 مهينا لڳي سگهن ٿا. پيپلز پارٽي اڳواڻ نبيل گبول صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيوته اسان(ن) ليگ جي حڪومت کي ڌڪي اسٽارٽ هلائي رهيا آهيون جنهن ڏينهن ڌڪو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو حڪومت جي گاڏي بيهي رهندي پي ٽي آءِ باني تي تنقيد ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ غيريقيني صورتحال جو ذميوار صرف هڪ ئي شخص آهي جيڪو اڊيالا جيل ۾ آهي، جيڪڏهن اسان ملڪ کي اهڙي صورتحال مان نه ڪڍنداسين ته نه اڊيالا جيل رهندو ۽ نه ئي پارليامينٽ هوندي. نبيل گبول هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مون کي لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ باني جيل مان ٻاهر ايندو پر انهي کي ٻاهر اچڻ ۾ 6 مهينا لڳي سگهن ٿا جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني ڳالهيون نه مڃيون ته اهو جيل ۾ ئي رهندو ۽ حڪومت هلندي رهندي. نبيل گبول دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ باني گارنٽي ڏئي ٻاهر ايندو ۽ جمهوريت جو ساٿ ڏيندو. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪوبه سياسي اڳواڻ جيل ۾ نه هجي ۽ عام معافي به ملڻ گهرجي. پي ٽي آءِ باني بابت ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مان ڪڏهن به نه چاهيندس ته عمران خان جيل ۾ رهي پر انهي کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو پي ٽي آءِ باني کي مشهوري جو ووٽ مليو پر 50 سيڪڙو ووٽ سان انهي کي نوازيو به ويو.