تنگواڻي تعلقي جي ڳوٺ محمد امين جعفري ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسي هارين موسي ﷲ آباد شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ايس ڊي او لوهر خلاف احتجاج ڪيو

ڪنڌڪوٽ: تنگواڻي تعلقي جي ڳوٺ محمد امين جعفري ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسي هارين موسي ﷲ آباد شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ايس ڊي او لوهر خلاف احتجاج ڪيو ان سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙن محمد امين جعفري گل حسن جعفري حاجي شاھ مراد جعفري ابل خير عبدالجبار جعفري استاد ارصلاح نندواڻي شاهنواز نندواڻي سميت ٻين چيو ته شاخ ۾ راشي ايس ڊي او بنا جواز پاڻي بند ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين کي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ ڪري پوکيل ساريالو بيجارو سڪي ويو آهي جنهن جي ڪري اسان کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي هنن چيو ته ٻيجارو تيار آهي پاڻي جي کوٽ ڪري اسان پوکي نه ڪري سگهيا آهيون ان لاء اسين وس وارن اعلي اختيارين کي اپيل ڪيون ٿا ته راشي ايس ڊي او خلاف قانوني قدم کڻي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو