وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 7 روپيه 45 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين في ليٽر قيمت 265 روپيه 61 پئسا هوندي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊل ڊيزل جي قيمت ۾ 8 روپيه 56 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 277 روپيه 45 پئسا في ليٽر ٿيندي. ذريعن موجب لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 9 روپيه 88 پئسا في ليٽر جو اضافو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ 19 روپيه 5 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي.