راولاڪوٽ جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ وارو معاملو: سيڪيورٽي تي مقرر 7 اهلڪار گرفتار

آزاد ڪشمير جي راولا ڪوٽ جيل جي سيڪيورٽي تي مقرر 7 اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب قيدين جي فرار ٿيڻ ۾ جيل عملو ملوث ٿي سگهي ٿو، جيل مان 19 قيدي فرار ٿي ويا هئا، قيدين جي فرار جي معاملي تي انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آهي قيدين جي فرار ٿيڻ کان پوءِ حڪومت انسيڪٽر جنرل جيل کي او ايس ڊي ڪري ڇڏيو، جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ سميت 7 اهلڪارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس موجب جيل مان فرار هڪ قيدي کي عدالت 20 جون تي ميرپور منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. آزاد ڪشمير جي سمورين جيلن ۾ هن وقت سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي. پوليس ۽ قيدين وچ ۾ فائرنگ سبب هڪ قيدي مارجي ويو هو، پوليس موجب قيدين جيل عملي کي يرغمال بنايو ۽ فرار ٿي ويا، فرار ٿيل قيدي دهشتگردي، قتل ۽ منشيات فروشي جي ڏوهه ۾ قيد هئا.