200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي فڪسڊ چارجز کان ڇوٽ حاصل

 نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) طرفان بجلي جي گهريلو صارفين تي لڳايل فڪسڊ چارجز جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. فڪسڊ چارجز 200 يونٽ استعمال ڪندڙن کان نه ورتا ويندا جڏهن ته 301 کان 400 يونٽ استعمال ڪندڙن کان 200 روپيه، 401 کان 500 يونٽ استعمال ڪندڙن کان 400 روپيه ماهوار ورتا ويندا ان کان علاوه 501 يونٽ مان 600 يونٽ استعمال ڪندڙن کان 600، 601 کان 700 يونٽ استعمال ڪندڙن کان 800 روپيه ماهوار وصول ڪيو ويندو. 700 کان وڌيڪ يونٽ استعمال ڪندڙن کان فڪسڊ چارجز هڪ هزار روپيه وصول ڪيا ويندا. چارجز ۾ اضافي جو مقصد بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين کان روينيو ۾ اضافو ڪرڻ آهي.