جسٽس بابر جو ڊيٽا ليڪ ٿيو، اڪائونٽ جي سڃاڻپ ۾ مدد ڪريو: هاءِ ڪورٽ جو ايڪس جي ليگل آفيسر کي خط

جسٽس بابر ستار توهين عدالت ڪيس ۾  وڏي اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار گهرو وزارت ۽ آمريڪا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ذريعي ايڪس(ٽوئٽر) جي چيف ليگل آفيسر کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس بابر ستار ۽ ان جي فيملي جي ذاتي ڊيٽا ايڪس تي ليڪ ٿيو. ايڪس ڊيٽا ليڪ ڪرڻ جي اڪائونٽ جي سڃاڻپ ۾ مدد ڪدي جيڪڏهن اها هڪ منظم مهم هئي ته ان جي لنڪس جي حوالي سان به ايڪس مدد ڪري عدالتي ذريعن موجب خط ۾ ايڪس کان پاڪستاني جاچ ادارن جي لاڳاپيل ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ويو ته ايڪس جيڪڏهن پنهنجو نمائندو هاءِ ڪورٽ جي سامهون اماڻڻ چاهي ته اماڻي سگهي ٿو اهو تعريف جوڳو عمل هوندو. خط ۾ ايڪس طرفان برطانوي ۽ ڀارتي حڪومتن کي ان کان اڳ مدد ڏيڻ جو حوالو ڏنو ويو. پاڪستان جي جاچ ادارن طرفان نشاندهي ڪيل. اڪائونٽس جا تفصيل به خط سان جڙيل آهن.