ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ راڄو خان مهمداڻي ۾ هڪ هفتو اڳ جکراڻي برادري جي هٿيار بندن هٿان قتل ٿي ويل عورت جا قاتل بخشاپور پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري

ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ راڄو خان مهمداڻي ۾ هڪ هفتو اڳ جکراڻي برادري جي هٿيار بندن هٿان قتل ٿي ويل عورت جا قاتل بخشاپور پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي وارثن پاران پوليس خلاف احتجاج. ان سلسلي ۾ پورهيت بخشل مهمداڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چار مهينا اڳ ڪارنهن معاملي تان جکراڻي برادري سان جهيڙو هلندڙ آهي هن چيو ته جکراڻي ڌر قصور وار هوندي به اسان جي ڳوٺ مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ منهنجي پوٽي قتل ٿي وئي آهي ۽ هڪ ننيگر سميت ٻه نياڻيون سخت زخمي ٿي پيا آهن ان باوجود به بخشاپور پوليس قاتل ڌر سان ٻٽ بڻيل آهي ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار ڳوٺ بقا محمد جکراڻي جا رهواسي دنگان عرف هيرو جکراڻي صدر جکراڻي رياض جکراڻي علي محمد جکراڻي سميت ٻين کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي قاتل ڌر اڃان به وڌيڪ جاني مالي نقصان پهچائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ان لاءِ مان ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت وس وارن واڳ ڌڻين کي اپيل ڪريان ٿو ته جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي