اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ گنگل موڙ وٽ وحشي جوابدار پٽ خدابخش مزاري گهر ۾ ويٺل پنهنجي ويڳي ماءۡ روبينا مزاري کي ڪارنهن تهمت هيٺ بندوق جا فائر ڪري غيرت جي نالي سان موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي واقعي بعد جوبدار تان فرار ٿي ويو آهي جڏهن ته اهڙو اطلاع ملڻ تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقي اسپتال اوٻاوڙو کڻائي آئي. هوڏانهن اوٻاوڙو پوليس جو چوڻ آهي ته عورت کي ويڳي پٽ قتل ڪيو آهي جيڪو موقعي تان فرار ٿي ويو آهي پوليس پارٽي ان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ويل آهي