خيبرپختونخواهه جي خوراڪ کاتي واري وزير گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي 5 کان وڌيڪ فيڊرز جي بجلي بحال ڪري ڇڏي

 خيبرپختونخواهه جي خوراڪ کاتي واري وزير ظاهر شاهه طورو مردان گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي 5 کان وڌيڪ فيڊرز جي بجلي بحال ڪري ڇڏي ڪي پي ڪي جي خوراڪ کاتي واري وزير چيو ته لاڳاپيل فيڊرز تي لوڊشيڊنگ جو ٽائيم 18 ڪلاڪ کان وڌيڪ هو، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي هن چيو ته پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني(پيسڪو) اختيارين کان بجلي بحال ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي منهنجي درخواست کي قبول ڪندي پيسڪو اختيارين مردان جي علائقي رورل 1 باغ ارم، عيد گاهه، مستري آباد، شيخ ملتون ٽائون، نوي ڪلي احمد آباد ۾ بجلي بحال ڪري ڇڏي. هن واپڊا اختيارين کي هدايت ڪئي ته شيڊول لوڊشيڊنگ کان سواءِ بجلي جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بنائي وڃي.