سکر بئراج جي ٻن دروازن کي نقصان پهچڻ واري معاملي تي جوڙيل جاچ ڪميٽي ايڪسيئن سکر بئراج ۽ ايس ڊي او ريگيوليشن کي نقصان جو ذميوار قرار ڏئي هٽائي ڇڏيو. سکر صوبائي وزير ڄام خان شورو پاران جوڙيل جاچ ٽيم شروعاتي طور جاچ ڪميٽي سکر بئراج جي ايڪسيئن علي شاهه کي ذميوار قرار ڏئي کيس هٽائي ڇڏيو جاچ ٽيم ايس ڊي او ريگيوليشن امير بخش مهر کي به هٽائي ڇڏيو، ايڪسيئيشن ۽ ايس ڊي او ريگيوليشن کي ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. انجنيئر فرحان علي وڳڻ کي ايڪسيئين سکر بئراج جي چارج وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو. آبپاشي جاچ ٽيم ڪالهه انجنيئر، ايس ڊي او ريگيوليشن سميت مڪينيڪل ڊويزن جي عملدارن کي حيدرآباد سڏايو هو بئراج جي ٻنهي گيٽن کي نقصان پهچڻ جو ذميوار ايڪسيئن سکر بئراج کي قرار ڏئي ڇڏيو. ايڪسيئن سيد علي شاهه کي سالياني وارا بندي دوران غفلت ڪرڻ جي ڏوه ۾ ھٽايو ويو، ايس ڊي او امير بخش مهر مٿان به غفلت ثابت ٿي وئي، جنهن تي کيس هٽائي عبدالصمد ايس ڊي او ريگيوليشن جي چارج وٺڻ جو حڪم ڏنو ذريعن موجب مڪينيڪل ڊويزن جي عملي خلاف به ڪارروائي جو امڪان آهي. واضع رهي ته 20 جون تي سکر بئراج جي گيٽ نمبر 44 ۽ 47 کي نقصان پهتو هو آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو طرفان پنج رڪني جاچ ٽيم جوڙي وئي هئي جاچ ٽيم شروعاتي طور تي رپورٽ پيش ڪندي ايڪسيئن ۽ ايس ڊي او ريگيوليشن کي ھٽايو ويو آهي.