ٽنڊوآدم ۾ پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي مارڻ ۽ ٻئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي. پوليس موجب ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ حبيب خان مري باء پاس وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل 5 ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڏوهاري اعجاز پٽ سائين بخش کوسو ۽ جنيد پٽ الله بخش مستوئي زخمي ٿي پيا جن کي تعلقه اسپتال ٽنڊوآدم آندو ويو جتان کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ته ڏوهاري جنيد پٽ الله بخش مستوئي مارجي ويو جڏهن ته 3 ڏوهاري فرار ٿي ويا ڏوهارين جي قبضي مان 2 موٽرسائيڪلون ۽ 2 پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن.