حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب: پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن هڙتال ختم ڪري ڇڏي

حڪومت ۽ پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن  جنهن کان پوءِ ڊيلرز هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري نعمان بٽ موجب انڪم ٽيڪس پيٽروليم منصوعات جي قيمتن جو ريگوليٽڊ سيڪٽر آهي. فنانس ايڪٽ 2024 جي سيڪشن 136 ايڇ سان پيٽروليم ڊيلرز کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو نعمان بٽ موجب سيڪشن 169 فائنل ٽيڪس رجيم جي دائري ۾ اچي ٿو. آرڊيننس جي تحت ڊيلرز ۽ ريٽيل آئوٽ لينس ٽيڪس جي ذميواري مڪمل طور خارج آهي، نعمان بٽ وڌيڪ چيو ته مطالبن تي منظوري تي ايف بي آر چيئرمين، سيڪريٽري پيٽروليم ۽ چيئرمين اوگرا جا ٿورائتا آهيون. ياد رهي ته پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن بجيٽ ۾ ڊيلرز تي ايڊوانس ٽيڪس 0.5 سيڪڙو لاڳو ڪرڻ خلاف گذريل رات کان هڙتال جو اعلان ڪيو هو.