اسلام آباد مري ۽ جهلم سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي ٿي وئي، مختلف علائقن ۾ بجلي غائب هجڻ سبب شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته راولپنڊي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. فيصل آباد ۾ برسات سبب 3 گهرن جي ڇت ۽ ڀت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙيون فوت، جڏهن ته ٻن ٻارڙين سميت 4 عورتون زخمي ٿي پيون اسڪردو جي ميداني علائقن ۾ به برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري پئي. ان کان علاوه جهل مگسي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات سبب ندي نالن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي، لاهور ۾ گوجرانوالا ۾ روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويو، گوجرانوالا جي ميڊيڪل ڪاليج، ٽيچنگ اسپتال جي وارڊ ۾ به برسات جو پاڻي داخل ٿي ويو، رات دير سان ٿيندڙ برسات دوران 10 فيڊرز ٽرپ ٿيڻ سان بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي، ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي آهي. راولپنڊي ۾ لئي نالي ۾ ڪناريان واري هنڌ تي 5 فٽ، گوالمنڊي پل تي پاڻي جو وهڪرو 4 فٽ تائين پهچي ويو آهي جنهن کان پوءِ راولپنڊي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 30 ملي ميٽر ان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.