سافڪو طرفان 100 ماڻهن کي اسلامي قرضن جي فراهمي، عملي لاءِ مڃتا تقريب ڪوٺائي وئي

سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپنيءَ حيدرآباد، نوابشاهه ۽ شهدادپور ۾ ’يقين اسلامڪ فنانسنگ‘ جي نالي سان ڪم ڪندڙ پنهنجي برانچن ۾ 100 ماڻهن شريعت مطابق مالي خدمتون فراهم ڪرڻ جو پهريون سنگ ميل حاصل ڪري ورتو آهي. ان ڪاميابيءَ جي ڏس ۾ سافڪو جي هيڊ آفيس ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مالي خدمتن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ برانچ ٽيمن، بزنس ڊولپمينٽ آفيسرن، آپريشنز ۽ شرعي مالياتي شعبي جي عملي کي اعزاز سان نوازيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو جي باني ۽ سربراهه سليمان جي ابڙو پاڪستان جي مالياتي ادارن اندر سافڪو جي ان منفرد ڪاميابي کي اجاگر ڪندي چيو ته سافڪو طرفان شريعت  مطابق ننڍي پيماني تي مالي خدمتون فراهم ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ سان اسان کي مالياتي شعبي ۾ هڪ منفرد ڪاميابي حاصل ٿي آهي. 2028 تائين سمورن مائيڪرو فنانس ادارن کي اسلامي اصولن تي منتقل ڪرڻ لاءِ شريعت ڪورٽ جي مينڊيٽ تي عمل ڪرڻ لاءِ اسان پرعزم آهيون. هن چيو ته اسان جو مقصد شرعي مالياتي شعبي جي خدمتن کي ضرورتمندن تائين پهچائڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته اهي اسلامي فريم ورڪ اندر مالي خدمتن تائين رسائي ڪري سگهن تقريب کي خطاب ڪندي ايس ايم سي ايل مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه چيو ته هيءَ ڪاميابي اسان جي ٽيم جي محنت ۽ لڳاءَ جو ثبوت آهي. اسان پنهنجي پهچ کي وڌائڻ ۽ ماڻهن جي زندگين تي مثبت اثر وجھڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. شرعي مالياتي شعبي جي سربراهه مفتي ارسلان مقبول چيو ته اسلامي اصولن جي مطابق مالي خدمتن کي يقيني بڻائڻ سخت عمل رهيو آهي، پر اسان امانت ۽ ديانت سان مالي خدمتون حاصل ڪندڙن جي اعتماد تي پورا لهنداسين بزنس آپريشنز جي سربراهه بشير احمد چيو ته 100 ماڻهن کي شريعت مطابق مالي خدمتون فراهم ڪرڻ صرف شروعات آهي. اسان کي اسان جي ماڻهن جي مالي ضرورتن تي پورا لهڻ لهڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ جاري رکنداسين. تقريب ۾ سافڪو جي سمورن شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي ۽ اخلاقي معيار مطابق مالي حل فراهم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.