پاڪستان فلورملز ايسوسيئيشن حڪومت طرفان لڳايل ود هولڊنگ ٽيڪس جي خلاف احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان فلورملز ايسوسيئيشن جي مرڪزي چيئرمين عاصم رضا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته خميس 11 جولاءِ کان اٽي جي سپلاءِ بند ڪندي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪنداسين، اسان ٽيڪس ۾ اضافي کي ڪنهن به صورت ۾ نٿا مڃون، اسان جو مطالبو آهي ته حڪومت ولد هولڊنگ ٽيڪس کي ختم ڪري عاصم رضا چيو ته اربع جي ڏينهن کان ڪڻڪ جي واشنگ بند ڪئي ويندي ۽ 11 جولاءِ کان مارڪيٽ کي اٽي جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏينداسين، هن چيو ته ود هولڊنگ ٽيڪس ڏيڻ اسان جي وس ۾ نه آهي. اسان جو حڪومت کان مطالبو آهي ته ود هولڊنگ ٽيڪس کي فوري طور تي ختم ڪري اسان اهڙي اضافي کي قبول نٿا ڪريون. پاڪستان فلورملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين چيو ته اسان جو مقصد عوام کي تڪليف ڏيڻ نه آهي پر اسان جون فلورملز ود هولڊنگ ٽيڪس برداشت نٿيون ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت طرفان ود هولڊنگ ٽيڪس واپس نه ورتو ويو ته پوءِ 11 جولاءِ کان اٽي جي سپلاءِ بند ڪري ڇڏينداسين.