) ڳڙهي ياسين ڀرسان گولو دڙو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڀڳل پل وٽ ڌاڙيل پاڻ ۾ وڙهي پيا. ڌاڙيلن جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ سبب گوليون لڳڻ سبب نثار جکراڻي، رياض جعفري، عبدالقادر جتوئي ،مارجي ويا. مارجي ويلن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن، پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او گولو دڙو لياقت ملنگاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽئي مارجي ويل ڏوهاري هيا، جيڪي پاڻ ۾ ڪنهن ڏيتي ليتي تي وڙهي پيا آهن واقعي واري هنڌ روانا ٿي ويا آهيون، وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.