سنڌ جي مختلف شهرن ۾ چوماسي جي برساتن جي وسڪاري کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي، حيدرآباد، قاضي احمد، سامارو، ماتلي، ٺري ميرواهه، ميرواهه گورچاڻي، تلهار، ميرپورساڪرو ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي جڏهن ته گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي موسميات کاتي موجب ملير، پورٽ قاسم، گلشن حديد، گڏاپ، ميمڻ ڳوٺ، سپر هاءِ وي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات جو سلسلو جاري آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. موسميات کاتي بريفنگ ڏيندي چيو ته هن سال برساتون وڌيڪ پوڻ جو امڪان آهي. جنهن کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته آبپاشي کاتي ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي.