سورميون ڪلچرل اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائرزيشن جي ڊي سي لاڙڪاڻي سان ملاقات ڪئي

سورميون ڪلچرل اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي معزز اڳواڻ مس طاھرا فھيم جي ڊي سي لاڙڪاڻو سان ملاقات ڪئي، ھن ملاقات ۾ سورميون ڪلچرل اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي مشن ۽ ويزن کي متعارف ڪرايو ويو. جنھن ۾ سنڌي ثقافت کي فروغ ڏيڻ ۽ سڄي پاڪستان ۾ عورتن ۽ خاص ڪريسنڌي عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ھن ملاقات دوران مس طاھرا فھيم، سورميون ڪلچرل اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي اھم نقطن تي روشني وجھندي سنڌ جي شاھوڪار ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ سندس فروغ سميت مختلف پھلوئن تي پڻ بحث و مباحثو ڪيو. ھن تنظيم جو مقصدن بابت ڳالھائيندي ھن عورتن کي برابري جي بنياد تي تعليم ۽ روزگار جا برابر موقعا فراھم ڪرڻ ۽ عورتن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ مسئلن بابت پڻ آگاھي ڌني ھن ملاقات ۾ لاڙڪاڻي جي عورتن بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، انھن کي پيش ايندڙ چيلنجز کي منھن ڏيڻ ۽ انھن مسئلن جي امڪاني حل جي ڳولا لاءِ ويچار ونڊيا. سورميون ڪلچرل اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي اڳواڻ مس طاھرا فھيم آخر ۾ ڊي سي لاڙڪاڻو جي ڪيل سھڪار جو شڪريو ادا ڪيو ۽ عورتن جي سماجي ۽ اقصادي حيثيت کي وڌائڻ، سماجي برابري لاءِ سندن ڪيل ڪوششن، انھن جي تحفظ، سلامتي، ۽ترقي کي يقيني بڻائڻ جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. ھنسورميون تنظيم پاران انھن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مقامي اختيارين ۽ ٻين اسٽيڪ ھولڊرز سان گڌجي ڪم ڪرڻ جي يقين دھاني پڻ ڪرائي.