غوثپورسنڌي ھندو اسانجا ڀائر آھن ۽ اسان جو اخلاقي ۽ ديني فرض بڻجي ٿو ته اسان پنھنجي ديوان ڀائرن جو تحففظ ڪريون

ڪنڌڪوٽ:غوثپورسنڌي ھندو اسانجا ڀائر آھن ۽ اسان جو اخلاقي ۽ ديني فرض بڻجي ٿو ته اسان پنھنجي ديوان ڀائرن جو تحففظ ڪريون۔ سچ پڇيو ته اوھان ھندو سنڌ جي سونھن آھيو ۽ ھي ڳوٺ واھڻ ۽ وستيون توھانجي ھجڻ سان ٻھڪن ٿيون“ اھڙو اظھار علائقي جي ايم اين اي مير شبير علي خان بجاراڻي غوثپور جي بابا غريبداس مندر ۾ ھڪ ڏينھن اڳ بازياب ٿيل ٽن مغوين جي وارثن ۽ ھندو پئنچايت کي ڏنل مبارڪن کانپو۽ آيل عوام سان خطاب ڪندي ڪيو۔ ھن چيو ته اسان مڃون ٿا ته ڪشمور ضلعي ۾ ڪيتري ئي عرصي کان امن امان جي صورتحال تسلي بخش ناھي ۽ اسان جي اعلا اختيارين ھاڻي ان معاملي کي بھتري طرف وٺي وڃڻ لا۽ سيڪيورٽي ادارن ۽ ڪشمور پوليس کي خاص ھدايتون جاري ڪيون آھن ته ڪشمور مان اڏري ويل امن جي پکي کي واپس آڻڻو آھي ته جيئن علائقي جو عوام آزادي سان گھمي ڦري سگھي۔ پنھنجو ڪاروبار ڪري سگھي ۽ روڊن تي سفر ڪري سگھي۔ ھن چيو ته مان اوھانجي ووٽ سان کٽي آيو آھيان ۽ مان توھانجي ھر ڏک ۽ سک ۾ ساٿ ڏيندس۔۔