پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ ايم اين اي شرميلا فاروقي 6 سالن کان پوءِ پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ڊگري وصول ڪري ورتي. انسٽاگرام تي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان ڪيل هڪ پوسٽ ۾ هن پي ايڇ ڊي ڊگري وصول ڪندي تصوير شيئر ڪئي. جنهن تي شرميلا فاروقي جي مڙس هشام شيخ به کيس ڊگري حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي شرميلا فاروقي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هن لمحي جو مان تقريبن 6 سال انتظار ڪيو آهي مان پنهنجي اها ڊگري والد جي نالي ڪريان ٿي جنهن مون کي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي هدايت ڏني. ياد رهي ته گذريل سال سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي هئي. درخواستگذار جو چوڻ هو ته ڪراچي يونيورسٽي وٽ 2014 کان 2019ع تائين پي ايڇ ڊي ڪندڙن جو ڪوبه رڪارڊ نه آهي. درخواستگذار عدالت کان استدعا ڪندي چيو هو ته شرميلا فاروقي کي سياسي بنيادن تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وئي آهي. عدالت شرميلا فاروقي کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي.