”زمين ۾ مال ڇو آيو“ شهدادڪوٽ ۾ سئوٽن جو پاڻ ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

شهدادڪوٽ ۾ زمين  ۾ مال پوڻ تان سئوٽن جو پاڻ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، جڏهن ته علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي. شهدادڪوٽ ڀرسان سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيرل ڏنو لغاري ۾ زمين ۾ مال پوڻ تان فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا حاجن ۽ نادر لغاري مارجي ويا، فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا گهنور ۽ رمضان لغاري به سخت زخمي ٿي پيا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال شهدادڪوٽ پهچايو. واقعي جو ڪارڻ 8 ڏينهن اڳ زمين ۾ مال پوڻ جي ڳالهه تان ٿيل معمولي جهيڙو هو، مقتول پاڻ ۾ سڳا سئوٽ ٻڌايا پيا وڃن. ان حوالي سان مقتول  جي ڀاءُ صفر لغاري ٻڌايو ته مقتول ۽ زخمي گهرن ڀرسان روڊ تي بيٺل هئا ته جوابدار ڌر حملو ڪري ٻن کي قتل ۽ 2 کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن.