سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيتن بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ سني اتحاد ڪونسل جي وڪيلن دليل ڏنا ٻڌڻي دوران جسٽس جمال سوال ڪيو ته هڪ ئي پارٽي کان ڊيڪلريشن ۽ نامزدگي ڪاغذن وارو ڇا آزاد اميدوار هوندو؟ جيڪڏهن آزاد اميدوار نه آهي ته اهو ڪنهن پارٽي ۾ وڃي سگهي ٿو؟ اوهان ته چئي رهيا آهيو ته سني اتحاد ڪونسل ۾ اچڻ ڏيو جنهن تي وڪيل فيصل صديقي چيو ته جيڪڏهن ڪو آزاد اميدوار منهنجي پارٽي ۾ شامل ٿي رهيو آهي ته ڇو منع ڪندس، ان تي جسٽس عرفان سعادت چيو ته اوهان جي پارٽي کي ته بونس ملي ويو، نه اليڪشن ۾ حصو ورتو نه سيٽ کٽي، جنهن اليڪشن کٽي انهن اوهان جي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي. اليڪشن ڪميشن حقيقتون لکيون آهن جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا اهو چوڻ صحيح هوندو ته چونڊون شفاف ٿيون؟ سڀ ڪجهه معمول موجب هو؟ جسٽس جمال چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ چئي ڇڏيو ته اليڪشن ڪميشن غلط ڪيو ته ڇا ڪيس ٿيندو؟ جنهن تي فيصل صديقي چيو ته پوءِ سپريم ڪورٽ کي فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻو پوندو. جسٽس جمال چيو ته اليڪشن ڪميشن مڃي رهيو آهي ته ڪهڙي پارٽي کي ڊيڪٽريشن ڏني ان کي نه پيو ڇڏيو وڃي. حامد رضا چيو ته سني اتحاد ڪونسل سان جڙيل هجڻ جو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو؟ جنهن تي فيصل صديقي چيو ته حامد رضا تحريڪ سان جڙيل هجڻ جو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته بيٽ جي نشان جو فيصلو اچڻ کان اڳ حامد رضا پي ٽي آءِ جو نامزد هو. اليڪشن ڪميشن غلط تشريح ڪئي جنهن جي ڪري تڪرار پيدا ٿيو. اليڪشن ڪميشن بطور آئيني اداري جي طور تي پنهنجون ذميواريون مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. ٻڌڻي دوران آزاد اميدوارن جي وڪيل سلمان اڪرم راجه دليل ڏيندي چيو ته تحريڪ انصاف سان جڙيل اميدوارن کي آزاد قرار ڏنو ويو، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب اسان کي آزاد اميدوار مڃيو ويندو. ان تي جسٽس جمال چيو ته اهڙو ڪوبه فيصلو نه آهي جنهن ۾ سمورن اميدوارن کي آزاد قرار ڏنو ويو هجي. جسٽس اطهر من الله چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان جمع ڪرايل رڪارڊ کي گوهر علي خان نه مڃيو، گوهر علي چيو ته اليڪشن ڪميشن مڪمل رڪارڊ سپريم ڪورٽ ۾ نه ڏنو آهي. عدالت چيو ته ڪيس تمام گهڻو اهم آهي. سنجيده سوال اليڪشن ڪميشن جي ذميواري تي اٿاريا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي سامهون رڪارڊ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اليڪشن ڪميشن پاڻ کي هڪ پارٽي ظاهر ڪري رهيو آهي، ڪنهن زماني ۾ ادارو هڪ باڊي سمجهيو ويندو هو، هاڻ ته اليڪشن ڪميشن به پنهنجو ڪيس کٽڻ آيو آهي. جنهن کان پوءِ سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف جسٽس چيو ته فيصلو ٻڌائڻ بابت پاڻ ۾ مشاورت ڪنداسين ۽ فيصلو ڪڏهن ٻڌايو ويندو هن وقت ان جي باري ۾ ڪجهه نٿا چئي سگهون، جنهن کان پوءِ عدالتي عملي ڌرين کي اگاهه ڪيو ته مختصر فيصلو اڄ نه ٻڌايو ويندو