غوثپور جي اغوا ٿي ويل ٽن ھندو نوجوانن جي رھائي لا۽ مون وڏي پئماني تي ڪوششون ڪيون

ڪنڌڪوٽ:غوثپور جي اغوا ٿي ويل ٽن ھندو نوجوانن جي رھائي لا۽ مون وڏي پئماني تي ڪوششون ڪيون۔ سڀ ڳالھيون عوام آڏو بيان نٿيون ڪري سگھجن۔ ھي توھانجا نه پر منھنجا ٻچا اغوا ٿي ويل ھئا“ اھڙو اظھار علائقي جي چيف سردار ۽ پ پ ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي غوثپور جي بابا غريبداس مندر پھچي ٽن مغوين جي رھائي تي سندس وارثن ۽ ھندو پئنچايت کي مبارڪباد ڏيندي گڏ ٿيل ديوان برادري سان مخاطب ٿيندي چيو۔ ھن وڌيڪ چيو ته ڪشمور پوليس ۽ رينجرز جي جوانن به پاڻ ملھائيندي ڀرپور ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪري نه صرف بدنام ڏوھارين کي جھنم واصل ڪيو پر ٽنھي ھندو نوجوانن کي بغير ڀنگ جي بحفاظت بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو۔ ھن ديوان برادري کي چيو ته نوجوانن جي ھڪ ٽيم ٺاھيو جيڪا مونسان رابطي ۾ رھي۔ اوھان ڪنھن به لوفر۔ بدمعاش ۽ بليڪ مئيلر کان نه ڏجو جيڪو به توھانکي تنگ ڪري مونکي آگاھي ڏيو فرنٽ ۾ پاڻ ھوندس اوھان منھنجي پويان ھجو۔ ھن چيو ته ڪشمور ضلعي کي امن جو گھوارو بڻائي وڃايل رونقون بحال ڪنداسين۔ جنھن لا۽ اوھانجو ساٿ ضروري آھي۔