عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) پاڪستان کان نئين قرض پروگرام جي لاءِ ڊومور جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف جي ماهرين پاڪستاني اختيارين کان مشڪل ترين ورچوئل ڳالهيون ڪيون. آءِ ايم اي چئني صوبن جي نمائندن کان ورچوئل ڳالهيون ڪيون. آءِ ايم ايف جي ماهرين هر صوبائي حڪومت کان ڌار ڳالهيون ڪيون، ورچوئل ڳالهين ۾ ناڻي واري وزارت جا وفاقي ۽ صوبائي آفيسر به شامل هئا. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کان زراعت تي انڪم ٽيڪس وصولي بهتر بنائڻ جو مطالبو ڪيو. چئني صوبن زرعي انڪم ٽيڪس تي آءِ ايم ايف جو مطالبو مڃي ورتو ۽ زرعي آمدني تي ٽيڪس جي وصولي جو پلان جوڙڻ جي لاءِ 2 ڏينهن جو وقت گهريو ويو آهي. چارئي صوبائي حڪومتون 12 جولاءِ تائين پلان جمع ڪرائينديون. ذريعن چيو آهي ته زرعي آمدني تي انڪم ٽيڪس جي شرح ساليانو 6 لک کان وڌيڪ آمدني تي لاڳ هوندو. زرعي آمدني تي انڪم ٽيڪس جا ريٽ به نارمل انڪم ٽيڪس جي حساب سان هوندا. زرعي آمدني تي وفاق ۽ صوبا هڪ پيج تي اچي ويندا. ذريعن ٻڌايو آهي ته زرعي آمدني تي صوبن آءِ ايم ايف کي به تعاون جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت به آءِ ايم ايف کان مثبت ڳالهيون ڪيون. آءِ ايم ايف خيبرپختونخواهه جي 100 ارب روپين جي سرپلس بجيٽ جي تعريف ڪئي.