تلھار: ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جي الزام ۾ اڳوڻي ٽائون چيئرمين کي ڏيڊ سال قيد جي سزا ٻڌائي جيل روانو ڪري ڇڏيو

 سول ڪورٽ گولاڙچي جي سول جج صاحب تلھار جي ٻج ڀاڻ ۽ پيسٽي سائيڊ جي واپاري راجه ممتاز خواجه پاران سابقه ٽائون چيئرمين تلھار مير شاھد احمد ٽالپر مٿان ڪوڙو چيڪ ڏيڻ واري داخل ڪرايل ايف آءِ آر تي اڄ پنھنجو فيصلو ٻڌائيندي ٽائون ڪاميٽي تلھار جي سابقه چيئرمين مير شاھد احمد ٽالپر کي ڏيڊ سال قيد جي سزا ٻڏائي جيل روانو ڪري ڇڏيو. واضع رھي ته تلھار جي واپاري راجه ممتاز خواجه پاران 2023 ۾ سابقه ٽائون چيئرمين مير شاھد احمد ٽالپر مٿان  کنيل ٻج ڀاڻ ۽ تيل جا پئسا 43 لک جا چيڪ جيڪي بينڪ مان ڪيش نه ٿيڻ جي ڏوهه ۾ تلھار ٿاڻي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي ھئي جنھن تي اڄ سول جج صاحب گولاڙچي عرفان انڙ جي عدلت سابقه ٽائون چيئرمين مير شاھد احمد ٽالپر کي ڏيڊ سال قيد جي سزا ٻڌائيندي جيل روانو ڪري ڇڏيو آھي.