بُلڙي شاهه ڪريم ويجهو نينگر پير ترڪڻ سبب پنڄاري ڪئنال واهه ۾ ٻڏي فوت

بُلڙي شاهه ڪريم ويجھو ڏاڏون موري ڀرسان ڳوٺ غلام حسين عالماڻي جو رھواسي 6 ورهين جو معصوم نينگر حاميد عالماڻي ولد علي خان عالماڻي جو پير سلپ ٿيڻ سبب پنڄاري ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. جڏهن ته نينگر جو لاش ھٿ ڪرڻ لاءِ ٽوٻن جي مدد سان ڳولا جاري آھي.