شيخوپوره جي علائقي شرقپور ۾ برسات دوران هڪ گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن جي ملبي هيٺيان دٻجي 3 عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو اختيارين موجب شرقپور جي صديقيه ڪالوني ۾ برسات دوران گهر جي زبون حال ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ملبي هيٺيان دٻجي 3 عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا ريسڪيو اختيارين موجب فوت ٿي ويلن ۾ ڪوثر بانو، مفيظه ۽ علي رضا جڏهن ته زخمين ۾ اشبه، فاريه، افضال، زاريه، عديل ۽ شڪيل شامل آهن. ڇت ڪرڻ سبب زخمي ٿيلن کي شروعاتي طور تي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين طبي امداد ڏني وئي.