16 جولاءِ کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڏي اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 7.67 ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 3.72 روپين جو اضافو ڪيو ويندو مهانگائي جي ماريل عوام مٿان وفاقي سرڪار هڪ دفعو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هن ڀيري به 16 جولاءِ 2024 کان ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 7.67 روپيه ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3.72 روپيه في ليٽر اضافي کي مهانگائي جي ماريل عوام برداشت ڪندي. پيٽرول جي نئين قيمت 273.28 روپيه ۽ ڊيزل جي قيمت 281.17 روپيه في ليٽر ايندڙ پندرنهن ڏينهن جي لاءِ مقرر ڪري سگهجي ٿي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 2.73 روپيه ۽ لائٽ ڊيزل آئل(ايل ڊي او) ۾ 0.92 روپيه في ليٽر واڌ جو امڪان آهي. گاسليٽ جي نئين قيمت 184.25 روپيه ۽ ايل ڊي او جي قيمت 166.65 روپيه في ليٽر ٿيڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته وفاقي حڪومت پهرين جولاءِ 2024 تي به پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪيو هو.