سپريم ڪورٽ فيصلو: مسلم ليگ(ن) جون قومي اسيمبلي ۾ 108، پيپلز پارٽي جون 68 سيٽون رهجي وينديون

 سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي کان پوءِ پارليامينٽ ۾ سياسي پارٽين جي پوزيشن ڪهڙي هوندي؟ مسلم ليگ(ن) جون قومي اسيمبلي ۾ 108، پيپلز پارٽي جون 68 سيٽون رهجي وينديون. رپورٽ موجب حڪمران پارٽي مسلم ليگ(ن) جون قومي اسيمبلي ۾ ٽوٽل 108 سيٽون بچنديون جڏهن ته پيپلز پارٽي جي سيٽن جو انگ 68 رهجي ويندو جمعيت علماءِ اسلام(ف) جون سيٽون 11 مان گهٽجي 8 رهجي وينديون.(ن) ليگ، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سميت ٻين پارٽين تي ٻڌل حڪمران اتحاد جي ميمبرن جو انگ 209 آهي. هن وقت سني اتحاد ڪونسل يعني تحريڪ انصاف جي ميمبرن سميت اپوزيشن جي گڏيل ميمبرن جو انگ 97 آهي. مخصوص سيٽون ملڻ کان پوءِ اهو انگ 120 ٿي ويندو.