ڪنڌڪوٽ : ڳڙھي تيغو لڳ تيغاڻي برادري پاران بيگاري ڪيئنال کي لڳايل کنڊ بند نه ٿيو پوليس صبع کان وٺي ڳڙھي تيغو ۾ لٿل ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي شڪارپور ڳڙهي تيغو پهتو ڊي آئي جي لاڙڪاڻو لاڙڪاڻو پاران سردار تيغو خان تيغاڻي جي ٻن فرزند سردارزداه جهانگير خان تيغاڻي ۽ مستاق خان تيغاڻي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ڪچي ۾ ڇڪتاڻ تيز اسان هميشه قانون جو احترام ڪيو آھي ڪاله کان وٺي اسان جا ماڻھو پوليس جي مدد ڪري کنڊ بند ڪرائي رهيا آهن ان جي باوجود به پوليس مون جي ٻن پٽن حراست ۾ وٺڻ اها هڪ انتقامي ڪاروائي آھي اڳ به اهڙي قسم جون اسان جي خلاف سازشون ٿينديون رهيو ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا آئون پارٽي قيادت سان ڳالهايو آھي سردار تيغو خان تيغاڻي رپورٽ موجب ته ڳڙهي تيغو لڳ گذريل ڏينهن بيگاري ڪئنال کي لڳايل کنڊ کي بند ڪرڻ لاء مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران کنڊ بند ڪرڻ لاء صبع کان وٺي پهتل کنڊ بند نه ٿي سگهيو هوڏانهن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ۽ ايس پي شڪارپور شاه زيب چاچڙ ڳڙھي تيغو پهتا جتي کنڊ بند ڪرائڻ لاء تيغاڻي سردارن کان مدد ورٺڻ لاء سرگرم ٿي ويو جڏهن ته ڳڙھي تيغو ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين ۾ فائرنگ جاري رهي ذريعن ۾ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ پاران سردار تيغو خان تيغاڻي جي ٻن فرزندن سردارزاده جهانگير خان تيغاڻي مشتاق خان تيغاڻي کي گهرائي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي جنهن کان بعد ڳڙھي تيغو ۾ ڇڪتاڻ برقرار آھي هوڏانهن ان سلسلي ۾ سردار تيغو خان تيغاڻي سان رابطو ڪيو جنهن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن کان وٺي کنڊ بند ڪرائڻ لاء اسان جا ماڻھو کنڊ بند ڪرائڻ لاء پوليس جي مدد ڪري رهيا آھن افسوس اهو آھي جو پوليس مون جي ٻن پٽن کي حراست ۾ رکيو آھي جيڪا زيادتي آھي هن چيو ته اڳ به اهڙي قسم جون اسان جي خلاف سياسي انتقاميون رهيون آھن ڪوڙا ڪيس به داخل ڪيا ويا سازشون هنلديون رهيون سردار تيغو خان تيغاڻي جو چوڻ ھو ته تيغاني بجاراڻي تڪرار جي نيبري بعد جيڪي زميننن جي ورهاست جو مامعلو هيو ته اتي ڪجه زمين سرڪاري ٻيلي کاتي جي آھي جنهن تان سرڪار قبضو ڇڏائي سگهي ٿي باقي تيغاڻي ۽ بجاراڻين جي زمين هڪ ٻئي وٽ آھن فيصلي بعد زمينن جي ورهاست تي نه بجاراڻي سردار مون سان رابطو ڪيو آھي نه وري مون بجاراڻي سردار سان رابطو ڪيو آھي ڪوشش ڪيون پيا هوڏانهن بجاراڻي تيغاڻي تڪرار جي نيبري بعد زمينن جي ورهاست جي حوالي سان جڏهن سردار محبوب علي خان بجاراڻي سان رابطو ڪيو جنهن ٻڌايو ته جڏهن تيغاڻي بجاراڻي تڪرار جو نيبرو ٿيو ته زمينن جي ورهاست ۽ مال جي ورهاست جي حوالي سان تيغاڻي ڌر پاران نثار خان تيغاڻي ۽ بجاراڻي ڌر پاران اقبال خان بجاراڻي تي ذميواري رکي وئي ته ٻنهي ڌرين جون مال ۽ زمينن جي ورهاست ڪندا ڪافي ڀيرا اقبال خان بجاراڻي نثار خان تيغاڻي وٽ ويو مگر تيغاڻي ڌر موٽ نه ڏني مون پاڻ سردار تيغو خان تيغاڻي کي چوندو رهيس زمينن جي ورهاست لاء مگر تيغاڻي سردار به موٽ نه ڏني اسان ته اصل کان امن جا حامي رهيا آھيون تڪرارن جي خاتمي لاء مون سميت مير شبير علي بجاراڻي سميت بجاراڻي خاندان جو ڪردار بهتر رهيو آھي امن جو رهيو آھي ڌرين ۾ ٺاه ڪرائڻ جو رهيو آھي وري به ڪوشش ڪيون ٿا هوڏانهن گذريل ڏينهن لڳايل کنڊ جي حوالي سان پي پي ايم اين اي مير شبير علي خان بجاراڻي سان رابطو ڪيو جنهن ٻڌايو ٿه گذريل ڏينهن جيڪو بيگاري کي کنڊ تيغاڻي ڌر لڳايو آھي جنهن سان بجاراڻي اوڳاهي ميراڻي سميت ٻين برادرين جو زمينون آھن جيڪي پاڻي هيٺ آھن جنهن لاء مون جو آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام کان شوري سان مسلسل رابطو رهيو آھي کنڊ بند ڪرائڻ لاء عملو کنڊ بند ڪري ٿو آئون پاڻ به سڀاڻي اچي ويندس کنڊ بند ڪرائي علائقي جي آبادگارن کي پاڻي ڏيارينداسي ۔