ٺڪراٺو ڀرسان پوليس چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن جو عورتن ۽ معصوم ٻارن سميت احتجاجي مظاھرو ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان نوٽيس جو مطالبو خبرموجب ٺڪراٺو ڀرسان ڳوٺ خدا بخش مهتم ۾ ڳوٺاڻي محمد شريف مهتم جي گهر تي ايس ايڇ او مبارڪپور جي اڳواڻي ۾ ٽن موبائلن چڙهائي ڪري گهر ڌڻي محمد شريف مهتم کي کنڀي وئي وارثن پاران احتجاج پوليس چڙھائي خلاف دانھون ان موقعي تي ڳوٺاڻن عبدالحڪيم شاهد حسين مائي شارو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوليس بااثر جي چرچ تي اسانجي گهر ۾ گهڙي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارن تي تشدد ڪري مبينا ڦر لٽ ڪرڻ بعد محمد شريف مهتم کي کنڀي وئي آهي اسان ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ٿا ڪريون ته فوري نوٽيس وٺي ڪري کنڀيل کي آزاد ڪرايو وڃي مبارڪپور پوليس سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته ڌرين جو پاڻ ۾ زمين تي معاملو هلندڙ آهي